ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جھرڪ ، جھمپير، ميٽينگ ۽ ڀرپاسي قائم ڪوئلي جون کاڻيون بند هجڻ  ڪري سوين پورهيتن بيروزگاري کان تنگ ٿي روڊن تي نڪري آيا، ان ڏس ۾ ڪوهستاني راڄوڻي اتحاد، عوامي تحريڪ ،مزدور اتحاد ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن پاران محمد بخش بروهي، شاھ محمد چانگ، مزدور اڳواڻ الھبچايو چانگ، عبدالرحمان چانگ، حاجي طيب ٻٻر، عيدن بروهي، نواز چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهمپير کان مارچ ڪري جهرڪ حيدرآباد روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ڪول اينڊ انرجي ڊپارٽمينٽ طرفان جهمپير ۾ قائم ڪيترين ئي ڪوئلي جي کاڻين کي بند ڪري کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ سوين مقامي پورهيت کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بند پيل جھمپير، ميٽينگ واريون ڪوئلي جون کاڻيون کولي پورھيتن کي روزگار مھيا ڪيو وڃي.