ٺٽو ( رپورٽر )  ٺٽو، مڪلي پوليس جي وڏين دعوائن باوجود منشيات خاص طور تي آئيس نشي تي ڪنٽرول ڪري ناھي سگھي جنھن ڪري مڪلي ورڪشاپ جو رھواسي ھڪ نوجوان عمران ملاح آئيس نشو واپرائڻ ڪري فوت ٿي ويو آھي نوجوان جي فوت ٿيڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي جڏهن ته حد جي پوليس نوجوانن جون زندگيون تباھ ڪندڙ  آئيس اڏن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي ٺٽو ۽ مڪلي جي رھواسين ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي آئيس اڏن سميت سمورن منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون ڪري نوجوان نسل جون زندگيون بچايون وڃن .