لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پي پي ايچ آءِ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر اقرا ڀٽي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر کي برطرف ڪيل ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.ڊاڪٽر طارق حسين کي ڊيوٽي کان مسلسل غير حاضري ۽ قومي ادارن خلاف جعلي طريقي سان الزام لڳائي مهم هلائڻ سبب برطرف ڪيو ويو،پي پي ايڇ آءِ جي بي لوث آفيسرن ۽ پي پي ايڇ آءِ سنڌ کي جعلي آئي ڊيز ڊاڪٽر طارق حسين سومرو آفيشل، ڊاڪٽر شازيا، تبديلي جو سفر، تبديلي جو موسم، طارق حسين ۽ بابا سائين جي ذريعي هن وقت پي پي ايڇ آءِ سنڌ ۽ ان جي سٺي ساک رکندڙ آفيسرن خلاف جعلي ۽ بي بنياد سوشل ميڊيا مهم تيز ڪري ڇڏي آهي جيڪو  غلط ڄاڻ پکيڙي رهيو آهي ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي آفيسرن لاءِ غلط پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي تنهن ڪري ڊاڪٽر طارق سومري خلاف جلد کان جلد قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي.