ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو شهر ۾ ٿنڀي تي چڙهي ڪم ڪرڻ دوران اوچتو بجلي اچڻ سبب واپڊا ملازم سڙي سخت زخمي ٿي پيو، ملازم کي فوري سول اسپتال مڪلي بعد ڪراچي منتقل ڪيو ويو. ٺٽي شهر جي اسلام پور پاڙي ۾ بجلي جي ٿنڀي تي ڪم ڪندڙ ڌاٻيجي واسي حيسڪو ملازم عبدالشڪور اوچتو بجلي اچڻ ڪري سڙي سخت زخمي ٿي پيو. زخميءَ کي فوري طور حيسڪو ملازمن بجليءَ جي ٿنڀي تان لاهي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ملازم جو 40 سيڪڙو جسم سڙي پيو آهي. علاج لاءِ حيسڪو ملازم کي ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو.