ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ غلام قاسم بگٽي ۾ پورهيت امتياز علي بگٽي جي گھر کي باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل هنڌ، کٽون ۽ اناج سڙي خاڪ ٿي ويو، ڳوٺ رند حاجاڻا ۾ ٽائون ملازم بخش علي خاصخيلي جي گهر کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ ملازم جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، ٻي طرف ڳوٺ گلشير جانوري ۾ پورهيت غلام حسين جانوري جي ڪڻڪ جي ديري کي باھ لڳي وئي، جنهن ۾ سندس سوين مڻ ڪڻڪ سڙي وئي، هوڏانهن ڳوٺ حاجي الله وسايو بگٽي ۾ پڻ پورهيت صادق علي شنباڻي جي گھر کي باھ لڳي وئي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.