ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي ساڍا 15 لک ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل ڪوهستان جي 12 يونين ڪائونسلن ۾ پيئڻ جي پاڻي شديد اڻاٺ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي. لکن تي مشتمل انساني آبادي ۽ چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو. ڄاڻايل علائقن مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. ان ڏس ۾ روزاني“پنهنجي اخبار“ جي گڏ ڪيل ڄاڻ موجب گذريل ڪيتري عرصي کان ٺٽي ضلعي جي 12 ڪوهستاني يونين ڪائونسلن جھمپير، صوف شورو (ڄنگھڙي)، اونگر، ٽنڊو حافظ شاهه، جھرڪ، سونڊا، چليا، جنگشاهي، ست ڀاڱي هڪ ڪوهستان ۽ ساڪري تعلقي جي يونين ڪائونسلن گھارو، ڌاٻيجي ۽ ڀنڀور ۾ نه رڳو پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي پر برساتن جي نه پوڻ ڪري ضلعي جي وسيع ڪوهستاني پٽي جي حدن ۾ ايندڙ نئين لوياچ جي وسيع ايراضيءَ مان بااثرن پاران ڪيتري عرصي کان ريتي بجري جي کڻڻ ڪري پڻ لوياچ نئين ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي وڃڻ ڪري پڻ وڏي انساني آبادي ۽ چوپايو مال پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪوهستان جي يونين ڪائونسل جھمپير جي اڳوڻي وائيس چيئرمين غلام رسول شورو، شير زمان شورو، اشفاق گوپانگ، واحد گوپانگ، رسول بخش پالاري، ننگر درس، جھمپير جي اڳوڻي يوسي چيئرمين هاشم سولنگي، لياقت بروهي، سونهارو چانگ ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪيترن ئي سالن کان سٺيون برساتون نه پوڻ ڪري ڪوهستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري انساني آبادي جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، اهڙي صورتحال بعد ڄاڻايل علائقن مان ڪوهستانين لڏپلاڻ پڻ شروع ڪري ڏني آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڪوهستان ۾ پيدا ٿيل ڏڪار وارين حالتن جو فوري طور نوٽيس وٺي چوپائي مال کي بي موت مرڻ کان بچائي کين پيئڻ جي صاف پاڻي سميت زندگي جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.