ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي مختلف حدن ۾ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ۽ پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ سميت پيش آيل مختلف واقعن ۾3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن تفصيل موجب عيد ڏهاڙي مڪلي ويجھو ترڪش ڪالوني واسي نوجوان مشتاق ميمڻ بجلي جي ٿنڀي مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته غلام الله شهر ويجھو پڻ ڳوٺ فقير درس ۾ عيد رات 30 ورهين جو نوجوان حسين درس استري ڪرڻ دوران اوچتو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو هوڏانهن عيد جي ٽئين ڏهاڙي ٺٽو گھمڻ آيل سهراب ڳوٺ ڪراچي واسي 22 ورهين جو نوجوان عبدالله پٺاڻ گجو ويجھو ڪراچي کي پيئن جو پاڻي مهيا ڪندڙ ڪي ڊي اي واهه ۾ وهنجڻ دوران تيز پاڻي جي وهڪري جي زد ۾ اچي ٻڏي ويو اطلاع تي مقامي ٽوٻن 4 ڪلاڪن جي ڪوشش بعد نوجوان جي لاش کي هٿ ڪري سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو جتان وارث نوجوان جي لاش کي اسپتال جي ضروري ڪارروائي بعد پنهنجي گھر ڪراچي کڻائي ويا ٻئي پاسي عيد واري ڏينهن تي ور شهر ۾ پڻ ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي جي نتيجي ۾ ڪهاڙين ۽ لٺين جي آزاداڻي استعمال سبب چانڊيا برادري سان تعلق رکندڙ 2 ڄڻا ڏتل ۽ صاحب خان چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا ٻنهي زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٿيل جھيڙي جو ڪارڻ پاڻي جو وارو ٻڌايو پيو وڃي.