عمرڪوٽ (رپورٽر) برساتن بعد ٿر ۾ نانگ بلائن جو آزار، 08 ماڻھن کي نانگ بلائن ڪکي وڌو، نانگ ڪکيل سول اسپتال عمرڪوٽ داخل. ٿر ۾ وسڪاري بعد نانگ بلائن جي ڏنگيل مريضن جي ڪيسن ۾ تيزي اچي وئي. روزانو ٻه کان چار ماڻھو بلائن جا ڪکيل سول اسپتال پھچن ٿا، جمعي ڏينھن سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ 08 مريض داخل ھئا جن جو علاج ھلندڙ ھو، نانگ بلائن جي ڏنگيلن ۾ لال خاتون مري، امان الله سميجو، مريم ڌيءُ محمد شريف ھاليپوٽو، ايوب ولد سخي نھڙي، بابو ولد بيٿو ڀيل، نصيبدار ولد خان محمد راھمون، راشد ولد حنيف ساند ۽ لياقت ولد بادل سميجو شامل آھن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو ته برساتن بعد نانگ بلائن جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آھي پر ويڪسين موجود آھي ۽ ھر مريض کي ملي ٿي ھر سال وسڪاري جي موسم ۾ نانگ بلائن جي ڪيسن ۾ تيزي ايندي آھي.