حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وومين پروٽيڪشن سيل حيدرآباد ڊويزن پاران 6 مهينن جي رپورٽ پڌري، حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ عورتن تي تشدد جا 1161 ڪيس رپورٽ ٿيا، 6 مهينن دوران 240 عورتون گهرو تشدد جو شڪار ٿيون، جڏهن ته گهرن، آفيسن، رستن تي عورتن کي هراسمينٽ ڪرڻ جا 164 ڪيس پڻ رپورٽ ڪيا ويا، وومين پروٽيڪشن سيل حيدرآباد ڊويزن پاران 6 مهينن جي رپورٽ موجب عزت جي نالي تي قتل، عورتن تي تشدد، جنسي هراسمينٽ، گهرو تشدد، عورتن جي اغوا سميت مختلف معاملن جا 1161 ڪيس داخل ڪيا، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ جنوري 2021ع کان جون 2021ع تائين جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪارنهن جي الزام هيٺ 6 عورتن کي قتل ڪيون ويون، جڏهن ته جنسي ڏاڍائي يا ڏاڍائي جي ڪوشش جا 20 ڪيس، تيزات هارائڻ جو هڪ ڪيس، زوري حمل ڪيرائڻ جو هڪ ڪيس، زوري شادي ڪرائڻ جا 2 ڪيس، ننڍي عمر جي شادي ڪرائڻ جا 2 ڪيس، عورتن جي اغوا/لاپتا جا 33 ڪيس، گهر ۾ حبس بيجا ۾ رکڻ جا 9 ڪيس، عورتن تي تشدد جا 141 ڪيس، ڌمڪيون ڏيڻ جا 289 ڪيس، ٻارن جي حوالگي جا 21 ڪيس، حق مهر يا ڏاج جي واپسي جا 21 ڪيس، فيملي ڊسپيوٽ جا 210 ڪيس ۽ زال مڙسن جي معاملا/تشدد جا 240 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه عورتن کي گهرن، رستن، آفيسن ۾ هراسمينٽ جا 164 ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ وومين پروٽيڪشن سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ماروي اعواڻ ٻڌايو ته سندن ادارو والنٽيئر طور پوليس سان گڏ ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارڙن جي تحفظ بابت قائم هي ادارو عورتن کي قانوني ۽ عدالتي مدد ڪرڻ سميت ڪائونسلنگ پڻ ڪندو آهي ته جيئن عورتن کي وقت سر مدد ملي سگهي. هن چيو ته اسان وٽ منظر عام تي آيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پر عورتن تي تشدد جا ڪيترائي واقعا ان ڪري به رپورٽ نه ٿا ٿين جو عورتن کي ٻاهر نڪرڻ توڙي فون جون سهولتون نه هجڻ ڪري هو گهرن ۾ ئي خاموش ظلم سهن ٿيون، جڏهن ته سندن ڪنهن به اداري تائين رسد ممڪن نه آهي.