پ پ مخالف اتحاد کي ڪنھن پارٽي ۾ تبديل نه پيو ڪيو وڃي: علي گوھر مھر

0
455
اسان جو مقابلو محمد

خانپور مھر (ن پ ا) خانڳڙهه ۾ پ پ مخالف اتحاد جو اڄ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، گوهر پئليس ۾ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر جي رهائشگاهه تي اجلاس جون تياريون مڪمل، اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد ميان سومرو، ايم اين اي غوث بخش مهر، صفدر عباسي، معظم عباسي، ارباب غلام رحيم، راشد محمود سومرو، غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا پ پ مخالف اڳواڻ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ بلدياتي ۽ عام چونڊن دوران پ پ خلاف اتحاد تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، علي گوهر مهر جو چوڻ آهي ته في الحال پ پ خلاف اتحاد تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، اتحاد کي ڪنهن پارٽي ۾ تبديل نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ جمهوريت نه، پر پيپلز پارٽي جي آمريت آهي، پ پ سرڪار 15 سالن ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، مخالفن سياستدانن جو اتحاد سنڌ جي عوام کي مايوس نه ڪندو.