ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ھيلٿ ملازم ۽ سندس وارثن پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان ايس ايچ او ڦلھڏيون خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڦلھڏيون جي اڳوڻي ڪائونسلر ٻيجل رام ميگھواڙ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته پوليس بااثر جي چرچ تي پٽ کي گرفتار ڪيو آهي، بااثر اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، منھنجو پٽ ڀارمل دڪان تي ويٺو ھو ته ڦلھڏيون پوليس پٽ کي کنڀي ٿاڻي تي کڻي وئي، جنھن بعد آئون ۽ منھنجو صحت کاتي جو ملازم ڀڳوانداس ٿاڻي تي پھتاسين ته ايس ايچ او منهنجي پٽ ڀارمل تي تشدد ڪيو ۽ مون کي ۽ منھنجي پٽ ڀڳوانداس کي گٿا لفظ ڳالھايا ۽ ھراسان ڪيو، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او جي رويي جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.