نوري آباد (ن پ ا) هڪ دفعو ٻيهر ڄامشورو پوليس جا اهلڪار چرس اسمگل ڪندي پڪڙجي پيا، موٽر وي روڊ تي ڪراچي کان ڄامشورو طرف چرس اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، رپورٽ موجب نوري آباد پوليس ڪراچي کان حيدرآباد طرف ويندڙ رڪشي کي روڪيو، تلاشي دوران رڪشا مان 4ڪلو چرس هٿ آيو، جنهن بعد نوري آباد پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 4 ڪلو چرس کڻي ويندڙ پوليس اهلڪار اسد الله سان گڏ 2016 ۾ برطرف ڄامشورو پوليس جو اهلڪار رافع قريشي ۽ رڪشا ڊرائيور ممتاز چانڊيو چرس اسمگل ڪرڻ لاءِ ڄامشورو طرف اچي رھيا ھئا جن مان پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ورتو آهي، نوري آباد پوليس منشيات ايڪٽ تحت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، ٻي طرف ايس ايچ او افتخار باجوه ٻڌايو ته منشيات جي خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آھن، چرس جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻايو ويو آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.