ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ريڊ ڪمشنر ٿاڻي ۽ چوڪي تي ڇاپو ھڻي ناحق باندي بڻايل 7 ڄڻن کي آزاد ڪرائي ورتو. خبر موجب سيشن عدالت ۾ عبيد بنگلاڻي جي داخل ڪرايل درخواست تي ريڊ ڪمشنر عزيز جمالي بي سيڪشن ٿاڻي ۽ جونگل پوليس چوڪي تي ڇاپو ھڻي ناحق باندي بڻايل ستن ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته ايس ايڇ او بي سيڪشن کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت طلب ڪيو ويو آهي، بازياب ٿيلن ۾ سمندر بنگلاڻي، محمد صديق پھوڙ، ذوالفقار گولو، ياسر گولو، اياز پھوڙ، مولابخش پھوڙ ۽ نصرالله پھوڙ شامل آھن.