خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت ۾ ڀريا سٽي جي رهواسي سيد علي مرتضيٰ شاهه درخواست داخل ڪرائيندي استدعا ڪئي آهي ته بااثرن وٽ ناحق باندي بڻايل زال کي بازياب ڪرايو وڃي، عدالت پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر اماڻيندي حڪم ڏنو آهي ته ٽنڊو نظر علي جي رهواسي بااثرن وٽ ناحق باندي بڻايل مسمات سويرا زال سيد علي مرتضيٰ شاهه کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.