ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه وارڊ نمبر هڪ ۾ واپڊا ڪالوني ڀرسان نالي واري ليکڪ محمد صالح سولنگي مٿان سندن عزيزن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي ليکڪ محمد صالح سولنگي چيو ته منظور سولنگي، نظام سولنگي، شاهنواز سولنگي، امام الدين سولنگي وارن سان سڱاوتي تان تڪرار هلندڙ ھو جن هٿيارن سان حملو ڪري رتورت ڪري ڇڏيو آھي، جن خلاف ٺاروشاهه ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري نه سگهي آھي جنهن ڪري بااثر حملي آور سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جڏھن ته نالي واري ليکڪ تي حملي جو ٻڌي ڪيترائي اديب ۽ صحافي ٿاڻي تي پهچي ويا. جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.