سکر (بيورو رپورٽ) سکر شهر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو ناهي اچي سگھيو، سکر جي نئون پنڊ ٿاڻي جي حد احمد نگر واري علائقي مان نامعلوم چور سکر جي ڪيمرامين ابراهيم سومراڻي جي پٽ علي حيدر سومراڻي جي اليڪٽرانڪس موبائل شاپ جا تالا ٽوڙي قيمتي موبائلن جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، متاثر حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آھي، جڏهن ته سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج ڪالوني واري علائقي مان نامعلوم چورن ارسلان احمد جي سائيڪل ۽ سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد مان نامعلوم چور ڪوڙو مهر جي ڪار چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.