ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺارو شاهه ڀرسان شاگرد ڀاءُ جي دڙڪن تي شاگرد زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ جڙيل سولنگي ۾17 سالا شاگرد رحمان پٽ نورل سولنگي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي ٺارو شاهه اسپتال آندو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو، شاگرد جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته شاگرد کي ڀاءُ اسڪول مان دير سان گهر پهچڻ تي دڙڪا ڏنا، جنهن تان ڪاوڙجي هن گهر ۾ پيل زهريلي جيت مار دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو.