دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۾ ڀائرن سان جهيڙي بعد نوجوان زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي وارڊ نمبر 5 واسي نوجوان وسيم احمد ملڪ زھريلي دوا پي ڇڏي، نوجوان کي بيھوشي جي حالت ۾ دريا خان مري اسپتال آندو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ سبب کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان وسيم ملڪ ۽ سندس ڀائرن ۾ گھرو اڻبڻت تان جھيڙو ٿيو ھو، جنھن تان ڀائرن هن ۽ سندس گھر واري کي گھران ڪڍي ڇڏيو ھو، جنھن تان نوجوان زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي.