ڪراچي (اسپورٽس نيوز): يو اي اي، انگلينڊ يا سريلنڪا؟ ايشيا ڪپ جي هنڌ تي ڊيڊلاڪ برقرار آهي، ڀارتي ٽيم جي ايشيا ڪپ ۾ شرڪت کان انڪار تي پي سي بي هائبرڊ ماڊل جي تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن تحت 4 ميچز پاڪستان، باقي ڪنهن نيوٽرل هنڌ تي ٿيندا، نجم سيٺي دبئي ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نائب صدر پنڪج کيمجي سان ملاقات ۾ تفصيل به شيئر ڪري چڪو آهي، بنگلاديش ۽ سرينڪا کي اعتراض آهي ته سيپٽمبر ۾ يو اي اي جي سخت گرمي ۾ رانديگرن لاءِ ون ڊي ميچز کيڏڻ ڪافي ڏکيو هوندو، پي سي بي جو موقف آهي ته انهيءَ موسم ۾ اتي پهرين به ايشيا ڪپ ۽ آءِ پي ايل منعقد ٿي چڪا آهن، موسم ايترو وڏو مسئلو نه هجڻ گهرجي، نجم سيٺي انگلينڊ جو نالو به پيش ڪري چڪو آهي، هوڏانهن سريلنڪا به ميزباني لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، پي سي بي جي هڪ اعليٰ شخصيت رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي هلندڙ هفتي ئي ايشيا ڪپ جي حوالي سان ڪو فيصلو ٿيڻ جو پيغام پهچايو ويو آهي، هائبرڊ ماڊل تي هاڻي اعتراض تقريبن ختم ٿي چڪا آهن، پر وينيو تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، اسان شروعات پاڪستان ۾ ڪرڻ بعد يو اي اي يا انگلينڊ ۾ منعقد ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن ۾ ايشيائي ڄاون شوقينن جو وڏو انگ موجود آهي، جڏهن ته سٺي آمدني ٿيندي، هوڏانهن ڀارت ۽ ٻيا ملڪ سريلنڪا ۾ ميچز ڪرائڻ جي خواهش رکن ٿا، اسان کي اتي گيٽ مني گهٽ هئڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن زر تلافي ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو ته پوءِ ئي ڪجهه سوچينداسين.