لاهور (اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي راندين بابت صلاحڪار وهاب رياض ايشيا ڪپ جي حوالي سان موقف اختيار ڪيو آهي ته هائبرڊ ماڊل تي عمل ٿيڻ ۾ ڪا برائي ناهي، لاهور ۾ اسپورٽس بورڊ پنجاب طرفان عورتن لاءِ ينگ گيمز ڪرائڻ جي تقريب ۾ ڳالهائيندي وهاب رياض چيو ته پي سي بي ايشيا ڪپ لاءِ جيڪو هائبرڊ ماڊل تجويز ڪيو آهي، موجوده حالتن ۾ ان کان بهتر ڪو آپشن ناهي، پاڪستاني ٽيم کي هوم ترائونڊ تي به ون ڊي ميچز گهربل آهن، نيوٽرل هنڌ تي به ميچز سان گرين شرٽس کي ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ملندي، هن اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرز کي فارغ ڪري ڊيٽا بيس سليڪشن ڪميٽي تي گڏيل ردعمل ڏيندي چيو ته ميدان ۾ پرفارمنس سان گڏوگڏ ڊيٽا بيس معاملن سان وڌ کان وڌ تصوير سامهون اچي سگهي، اڃا ان تي وڌيڪ ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ان تي ڪاميابي لاءِ نئين سليڪشن ڪميٽي لاءِ نيڪ خواهشون آهن.