انقره(م ڊ) يورپي ڪميشن جي صدر ارسلاوون ڊير ان ڳالهه تي ناراض ٿي آهي ته کيس ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي ڀرواري ڪرسي تي ڇو نه ويهاريو ويو؟ يورپي اعليٰ عهديدارن هڪ ڏينهن اڳ انقره جي صدارتي محل ۾ صدر اردگان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ يورپين ڪميشن جي صدر آرسلاوون ڊير ۽ يورپي ڪائونسل جو صدر چارلس مچل به شامل آهن، ملاقات لاءِ رڳو 2 ڪرسيون لڳايون ويون جنهن ۾ هڪ ترڪ صدر ۽ ٻي چارلس مچل لاءِ هئي جڏهن ته ارسلاوون ڊير کي صوفي تي ويهاريو ويو. ملاقات جي تصوير اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي طوفان اچي ويو ماڻهن اعتراض ڪيو ته ٻن اعليٰ عملدارن مان هڪ کي صدر سان گڏ ۽ ٻئي کي ڌار ڇو ويهاريو ويو آهي؟ ترڪ حڪومت جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سيٽن جي چونڊ يورپي عملدارن ڪئي هئي، اسان جو ڪو به ڏوهه نه آهي.