سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت سکر ٻيلي کاتي سانگھڙ ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ ٻيلي کاتي جي آفيسرن سميت 26 ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻيلي کاتي سانگھڙ جي ٽن ڊي ايف اوز ۽ چئن آر ايف اوز سميت 26 جوابدارن تي 8 ڪروڙن کان وڌيڪ ڪرپشن واري داخل ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ريفرنس ۾ شامل جوابدارن پاران ڏوھ مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو جنھن کان پوءِ عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي. نيب سکر طرفان ٻيلي کاتي سانگھڙ جي عملدارن ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين غيرقانوني طور ڳري رقم عيوض ليز تي ڏيڻ ۽ رشوت عيوض قيمتي وڻن جي واڍيءَ جو 8 ڪروڙ 77 لک 39 ھزار 841 رپين جو ڊي ايف او محمد رضا شاھ، ڊي ايف او گل جوڻيجو، ڊي ايف او ذوالفقار علي ميمڻ، غلام مصطفي، دين محمد، حسن مھر سميت 26 ڄڻن خلاف احتساب عدالت سکر ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو ھو، جنھن ۾ ڪالهه احتساب عدالت سکر پاران جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آھي، جوابدارن جي ڏوھ مڃڻ کان انڪار تي عدالت درخواست جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.