ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سگا جي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته اسانکي پنهنجي ٻولي بچائڻي آهي. جمهوري سوچ هڪ رويو هوندو آهي. اسيمبلي جو جائزو وٺجي ته ڇا اسيمبلين ۾ مڊل ڪلاس جو ڪو ماڻهو ناهي؟  سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪو سنڌي ماڻهو آهي ته ان کي ڪهڙيون هدايتون ڏنيون پيون وڃن؟  ڇا سنڌ جي اسڪولن  ۾ سنڌي پڙهائي وڃي ٿي؟  سنڌ ۾ جيڪي به اسڪول آهن ڇا اتي استاد ٻارن کي پڙهائي ٿو؟ استاد وڏيون پگهارون کڻي ٿو پر پنهنجي ذميواري نٿو نڀائي، جنهن ڪري اسان جي تعليم تباھه ٿيل  آهي، انهي صورتحال جا اسين پا ڻ ئي ذميوار آهيون، سگا هاڻي سنڌ جي اسڪولن جو جائزو وٺندي ته استاد ڊيوٽيون ڪن ٿا يا نه؟  اسان کي  50 نه 100 سالن جو سوچڻو پوندو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ دي انٽيليڪچوئل فورم پاران ڊيزوليشن آف ون يونٽ (ون يونٽ جي خاتمي) جي گولڊن جوبلي واري  تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت موبائل فون جو واهپو عروج تي آهي، اسان جا ٻارڙا ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، ڪافي ڇوڪرا موبائل تي عورتن جي آواز تي هرکجي اغوا ٿين ٿا، ٻارن کي  هٿ سان  بگاڙيو پيو وڃي، جنهن سبب اسان جو معاشرو تباھ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سياسي پارٽين کي معيار ڏيڻ بجاءِ پنهنجي سوچ کي بدلڻو پوندو. اڳتي وڌڻ لاء وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، اسان سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن مرد سان عورت گڏ نه هوندي ته هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو؟ نامياري قانوندان  امان الله شيخ چيو ته گذريل 50 سالن ۾ اسان جيڪو  پرايو آهي، اهو هن وقت پرائي نٿا سگهون، 21 صدي بحران جي صدي آهي،  هن وقت ڀاءُ ڀاءُ کان بيزار آهي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ 90 سيڪڙو پنهنجا  ئي سنڌي سنڌ جي بربادي لاءِ ويٺا آهن. هن چيو ته مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ گهرجي. قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو چيو ته اسان جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن،سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي جو ڦڙو ناهي، هن چيو ته  جيستائين اسان هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿينداسين تيستائين اسان سان ظلم ٿيندو رهندو. تقريب کي قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، مسعود نوراني، پروفيسر اعجاز قريشي، وھاب بلوچ، يونس مھر ۽ ٻين خطاب ڪيو