گھارو  (ن پ ا) گھاري ويجھو شيل پمپ وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو. نوجوان جي سڃاڻپ عثمان ولد رمضان آرائين طور تي ٿي جنھن جو لاش رورل هيلٿ سينٽر گھارو آندو ويو، جتان کان ضروري  ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. گھارو پوليس ٽرڪ ڊرائيور سميت پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.