عادلپور (ن پ ا) گل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ عارب مهر طرفان سماج سڌارڪ، انقلابي شاعر  ۽ هاري اڳواڻ  ڊاڪٽر گل محمد مهر  جي 74 هين سالگرهه تقريب  ملهائي وئي، تقريب  ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد مٺل مهر چيو ته ڊاڪٽر گل محمد مهر هميشه جاگيرداري نظام جي خلاف هو  ۽ نوجوانن کي وڏيرڪي غلامي مان ڪڍڻ لاءِ  تنظيم جو بنياد رکيو، هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن جي سوديبازي نه ڪئي،  منصور مهر چيو ته ڊاڪٽر گل جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن،سجاد مهر چيو ته ڊاڪٽر گل  جاگيرداري نظام کي للڪاريو ۽ ڳوٺ جي نوجوانن مان غلامي جو خوف ختم ڪيو. جڏهن ته غلام عباس مهر،  اميتاز مهر، عرض آزاد مھر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.