ڪشمور(رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور ۾ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه عام مسافرن جيان ڪشمور جو روايتي دورو ڪري ھليو ويو، گڊو بئراج وٽ چيف انجنيئر آبپاشي کان رٿيل بريفنگ ۽ ڪشمور ۾ ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرن جي سھولتن جو جائزو ۽ تعلقي سول اسپتال جو رٿيل دورو ڪرڻ بنا وزير اعليٰ جيڪب آباد روانو ٿي ويو. ڪشمور جي برسات متاثر  ڪيمپ ۾ ڪو به متاثر رھائش پذير ھئڻ ڪري ڪيمپ جو جائزو نه ورتو وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ڪشمور ضلعي جي دوري دوران  گڊو بيراج جي چيف انجنيئر ۽ آبپاشي عملي کان بريفنگ وٺڻ جو پروگرام رٿيل ھئڻ تي گڊو بئراج پل وٽ بريفنگ جو بندوبست اڌ ۾ ڇڏيو، وزير اعلي سنڌ کي گذريل سيلابي صورتحال ۽ بچاءَ بندن متعلق بريفنگ ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو جيڪو وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه اتان تيزي سان گذرندي ھليو ويو ۽ آبپاشي چيف انجنيئر ٻيا ڪامورا ڏسندا رھجي ويا. ٻئي پاسي ڪشمور تعلقي ۾ برسات متاثر سوين خاندان يوسي لائين پراڻي، يوسي گيھلپور، بھادرانپور جا متاثر وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي جو انتظار ڪندا رهيا ته سنڌ جو سيد اچي مالڪي ڪندو برسات دوران ٿيل نقصان جو ڪو ازالو ڪندو پر وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي ڪاغذي ليٽر ۾ ڏيکاريل دورو عام مسافرن جيان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن کي لتاڙي جيڪب آباد روانو ٿي ويو ان موقعي تي پ پ ايم پي اي حاجي عبدالرئوف خان کوسو، پ پ ايم پي اي عابد سندراڻي، ضلعي صدر گل محمد خان جکراڻي ۽ ٻين ڪشمور وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جو استقبال ڪندي آجيان ڪئي،