ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ خيرپور ضلعي ۾ پرائيويٽ زمين تي شڪار کان منع ڪرڻ تي پوليس پاران ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سوراهه ٿاڻي جي ايس ايچ او منشاد ڪلوڙ  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي خيرپور کي 14 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ايس ايچ او  منشاد ڪلوڙ کان پڇيو ته اوهان کي پگهار سنڌ حڪومت ڏيندي آهي يا ڪو ٻيو ڏيندو آهي؟ عدالت ايس ايچ او کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته هاڻ اهو نه چئجو ته پهريان ڪو ٻيو ايس ايچ او هو؟ عدالت ايس ايچ او کي چيو ته ايف آءِ آر پڙهي ٻڌايو، جنهن تي ايس ايڇ او منشاد ڪلوڙ  وراڻيو ته مون وٽ چشمو ناهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي هينئر ئي جيل موڪليون ٿا، عدالت چيو ته اوهان کي پتو آهي ته رٽائرڊ ٿيندڙ پوليس وارن جو ڪهڙو حال هوندو آهي؟. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مختلف ٿاڻن تي ڳوٺاڻن خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڪيس پنجاب ۾ به داخل ڪيو ويو آهي جنهن تي عدالت ايس ايڇ او منشاد ڪلوڙ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته پنهنجي پوسٽنگ بچائڻ لاءِ ڪمداري ڪري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن پرائيويٽ زمين تي شڪار جي اجازت ڏني ته اوهان خلاف ڪارروائي ٿيندي.درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته شڪار کان روڪڻ تان درخواستگذارن خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،  اسان جي زمينن تي پوکي ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي