اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحت واري وزارت حڪومت کان ڀارت مان مڇردانيون خريدڻ جي اجازت طلب ڪئي آهي. نيشنل مليريا ڪنٽرول پروگرام موجب پاڪستان جي 26 ضلعن ۾ مليريا تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ ڄاڻايل ضلعن ۾ فوري طور 71 لک مڇردانين جي ضرورت آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل گلوبل فنڊ ادارو فوري طور تي ڀارت کان مڇردانيون خريد ڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ايڏي وڏي انگ ۾ مڇردانيون فوري طور تي ڀارت کان خريدي سگهجن ٿيون.