اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) نگران پنجاب حڪومت صوبي ۾ فوري چونڊن جي مخالفت ڪري ڇڏي، وفاق پاران به سپريم ڪورٽ کي فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت ۽ نگران پنجاب حڪومت پاران پنجاب ۾ 14مئي تي چونڊن واري ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. نگران پنجاب حڪومت پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار سپريم ڪورٽ جو ناهي، جواب ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 218 تحت صاف شفاف چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي اختيارن جي تقسيم جي پيش نظر سپريم ڪورٽ ڪي پي اليڪشن جي تاريخ نه ڏني، نگران حڪومت پنجاب پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته 9مئي جي واقعن کانپوءِ صوبي ۾ سيڪيورٽي حالتون تبديل ٿي ويون آهن، عمران جي گرفتاري کانپوءِ سول ملٽري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، عمران جي گرفتاري کانپوءِ پرتشدد احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا مظاهرن ۾ 162 پوليس اهلڪار زخمي ۽ 97 پوليس گاڏين کي ساڙيو ويو، جواب ۾ چيو ويو ته پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ 5 لک 54 هزار سيڪيورٽي اهلڪار گهربل هوندا هن وقت چونڊون ٿين ٿيون ته صرف 77 هزار جي نفري موجود آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت به لکت ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو وفاقي حڪومت پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن واري فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي آهي، وفاقي حڪومت پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميش جي آئيني ذميواري آهي سپريم ڪورٽ پاڻ تاريخ ڏئي اليڪشن ڪميشن جي اختيار کي غير موثر ڪيو، وفاقي حڪومت جواب ۾ چيو ته پنجاب ۾ پهريان چونڊون ٿيڻ سان قومي اسيمبلي جي اليڪشن متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي، سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14مئي تي چونڊن واري حڪم تي نظرثاني ڪري، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي داخل ڪيل نظرثاني درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي