اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن، سهولتڪارن خلاف آرمي ايڪٽ، دهشتگردي ايڪٽ، پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ ٻين موجود قانونن تحت ڪارروائي ڪرڻ جي حق ۾ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فوجي عمارتن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلندا، سولين هنڌن تي حملا ڪندڙن خلاف دهشتگردي ايڪٽ سوڌو ٻين قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا، هن چيو ته موجوده آرمي چيف جڏهن ڊي جي آءِ ايس هو تڏهن هن ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کي  سندس گهرواريءَ جي ڪرپشن بابت آگاهه ڪيو هو، ان ڪري ان کي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان بدلي ڪيو ويو هو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو،  9 مئي ڪاري ڏينهن بابت هڪ ٻي قرارداد قومي اسيمبلي مان منظور ڪئي وئي، دفاع جي وزير خواجا آصف 9 مئي ڪاري ڏينهن بابت پاڪستاني فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قرارداد پيش ڪئي، جيڪا قومي اسيمبلي منظور  ڪري ورتي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي تي دل ڏڪائيندڙ شرمناڪ واقعا پيش آيا، ان ۾ ملوث عنصرن خلاف موجوده قانونن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن، انهن جي معاونن ۽ مددگارن جي خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952، دشتگردي ايڪٽ 1997ع ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، 9 مئي جي واقعن سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تشخص متاثر ٿيو، ايوان هٿياربند فوجن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايوان ۾ اڄ 9 مئي جي واقعن بابت قرارداد منظور ڪئي وئي، سولين ملڪيتن تي حملن جو آئين ۽ قانون مطابق دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا،  سرگوڌا ميانوالي ۾ عوام جي کيسن سان خريد ڪيل جهاز بيهاريا ويا هئا، اتي هي جٿا باهه لڳائڻ پهچي ويا اهي کليل طور تي ملڪ جي خلاف نه آهن؟ ڪوئي نئون قانون ٺهڻ نه وڃي رهيو آهي، قانون موجود آهي ان جي تحت ڪيس هلندو، وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جنرل عاصم جي استعيفا بابت ٽوئيٽ ڪيو، عمران نيازي هي هڪ ٻيو نسورو ڪوڙ ڳالهايو آهي، ترديد جي خوف کان سواءِ چئي سگهان ٿو ته موجوده سپهه سالار جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته انهن عمران خان کي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت ڏيکاريا،  جهرلو اليڪشن جي بنياد تي وزيراعظم ٿيل عمران نيازي کي ٻڌايو ته تنهنجي گهرواري ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ان کي ان ڳالهه تي تمام ڪاوڙ آئي، اهو ئي سبب  هو جو جنرل عاصم منير جي بدلي ڪئي وئي هئي، اها ڳالهه مان ان ڪري ڪئي ته اها ڳالهه منهنجي ذاتي علم ۾ آهي، وقت آيو ته حقيقتون به سامهون اچي وينديون، 60 ارب رپين جي ڪرپشن ڪاڏي کڻي ويندا؟ مڪه مڪرمه جي ماڊل واري گهڙي جي جعلي رسيد ڏئي ان کي ڀڳڙن مٺ تي وڪيو ويو، ان کان وڌيڪ سنگين مذاق ڇا ٿي سگهي ٿي؟ 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو نيب نوٽيس موڪليو هو، مون کي به خبر نه هئي ته نيب اهي وارنٽ جاري ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته  9 مئي تي گرفتاري تي جيڪا تباهي ٿي اها سڀني ڏٺي، اسان جي پيشين تي ڪا هڪ ڪونڊي به نه ٽٽي هئي، عمران نيازي اسان جي ڪيسن تي پاڻ هدايتون ڏيندو هو.