لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ نيب ۾ پيش ٿيندو، پنهنجي ٻيهر گرفتاري جي خدشي تي هن ڪارڪنن کي چيو آهي ته سندس گرفتاري تي هنگاما نه ڪيا وڃن. عمران خان چيو آهي ته ٻيهر گرفتار ڪيو وڃان ته ڪارڪن هنگامو نه ڪن هن چيو ته پي ڊي ايم کي بيانيو ملي ويندو . پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪارڪنن جي هنگامي کي حڪومت ڪريڪ ڊائون لاءِ استعمال ڪندي سروي ٻڌائي رهي آهي ته پي ٽي آءِ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. عمران خان چيو ته خبر پئجي وئي هئي ته باجوا منهنجي حڪومت ختم ڪرڻ وارو آهي چاهيان ها ته کيس هٽائي سگهان پيو پر ان ڪري نه هٽايو جو فوج ۾ مداخلت نه ڪرڻ چاهي. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سمورن پارٽي اڳواڻن کي گرفتاري کان بچڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ ذريعن موجب، عمران خان سان پرڏيهه ۾ رهندڙ اڳواڻن رابطو ڪيو آهي جن کي عمران خان پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. مخدوم طارق، زلفي بخاري ۽ شهباز گِل سميت ٻين اڳواڻن کي ٻن هفتن تائين ملڪ واپس نه ورڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان چيو آهي ته جيسيتائين پارٽي معاملا ٺيڪ نه ٿيندا اوهان وطن واپس نه اچو، پاڪستان واپس اچڻ جي صورت ۾ اوهان جي گرفتاري جو امڪان آهي. هوڏانهن هڪ ٻئي بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته شيرين مزاري بيمار آهي، عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ٽيهر گرفتار ڪيو ويو. اهڙن قدمن سان پيغام وڃي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون آهي.  ڇا پاڪستان ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو نظام آهي؟ هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ بهترين ججز موجود آهن.  سپريم ڪورٽ ڄمي بيٺي آهي، اسان کي بربريت کان بچائيندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مستقل ان ۾ آهي ته اسين هڪ قوم بڻجي وڃو، نو ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪري پئي ته عدليا تقسيم ٿي وڃي.  پي ڊي ايم چاهي ٿي جڏهن عمران خان نه هجي تڏهن اليڪشن ڪرائي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، اهڙيون پارٽيون ايئن ختم ناهن ٿينديون.