حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته روزگار جا موقعا نه هئڻ سبب بيروزگار ماڻهو مهانگائي جي آڙاهه ۾ سڙي رهيا آهن پر وفاقي توڙي صوبائي سرڪار پورهيت طبقي کي ڪو به رليف فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته منافعي خور واپارين ۽ هٿرادو مهانگيون شيون شهرين کي فراهم ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي جنهن ڪري پورهيت طبقو 2 ويلا ماني کائڻ بدران ٻارن سميت بکئي پيٽ رهي ٿو. وفاقي ۽ صوبائي سرڪار هڪٻئي تي الزام هڻي عوام کان لاتعلق بڻيل آهن.