مسڻ (ن پ ا) مسڻ وڏي لڳ لانڍي شاخ ڀرسان ڳوٺ کمون ملاح جي رھواسين سومار ملاح مولا بخش ملاح بچايو ملاح  دانھيندي ٽائيم نيوز سان ڳالھائندي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آھيون ۽ 50 سالن کان سرڪاري ڀڏي تي ويٺل آھيون پر لغاري  برادري جا ڪجھ ماڻهو جن ۾ شوڪت لغاري، نور محمد لغاري، ھدايت الله لغاري ۽ ٻيا جن جو تعلق ڳوٺ خير محمد لغاري سان آهي، اسان کي لڏائڻ لاءِ ھر ڪنھن قسم جي تڪليف پهچائي رهيا آهن. اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ موت مار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن. اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي  لغاري برادري جي نور محمد، شوڪت لغاري ۽ ھدايت الله اھڙن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. انھن چيو ته اسان جون زمينون آھن ۽ ملاح برادري جي ماڻهن قبضو ڪيو آھي.