کورواھ (ن پ ا)  گذريل رات کورواھ پوليس ڪارو گونگڙو سم نالي ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪندي درگاھ احمد راڄو جا چوري ڪيل 3 پاڏا شھزور سميت هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته جوبدار پوليس کي ڏسندي ئي گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا. ايس ايڇ او  کورواھ عارف جروار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار درگاھ احمد راڄو جا 3 پاڏا چوري ڪري وڪرو ڪرڻ لاء ڪراچي کڻي وڃي رھيا ھئا ته پوليس ڪاروائي ڪري پاڏا ۽ شھزور ھٿ ڪري ورتا آھن.