اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري کان اڳ گلوبل ڊولپمينٽ قدمن  تي عملدرآمد ڪرڻ سوڌو مختلف شعبن ۾  چين سان اهم معاهدا ڪرڻ جي منظوري ڏني ، اهڙي منظوري وفاقي ڪابينا کان سمري سرڪيوليش ذريعي ورتي وئي، ذريعن مطابق ايم ايو يوز تي صحيح وزيراعظم جي چين جي دوران ڪئي ويندي، سي پيڪ تحت عملدرآمد ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ايم او يو تحت غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويندا، ذريعن مطابق صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪيو ويندو، انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ، ثقافت، راندين ۾ تعاون کي هٿي ڏني ويندي، ايم او يو تحت هيومن ريسورس ڊولپمينٽ ۾ تعاون ڪيو ويندو ۽ ٿنڪ ٽيڪنس جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ويندي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي جي به منظوري ڏني آهي، ذريعن مطابق ان معاهدي جي منظوري بعد پاڪستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ مفاهمت جي يادداشت جي معاهدي تي صحيح ڪئي ويندي، ذريعن مطابق پاڪستان چين کي چيني شهرين جي تحفظ لاءِ خصوصي فورس جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق چيني شهرين جي تحفظ جي ان خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن ۾ 28 هزار اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن.