ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مڇر ڪالوني ۾ ٻن نوجوانن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي کي اڄ پھرين نومبر تي منجھند جو ھڪ وڳي  طلب ڪندي اڳڀرائي رپورٽ کڻي اچڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن، ٻئي طرف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مڇر ڪالوني ۾ ٽيلي ڪام ڪمپني جي ٻن ملازمن کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس 4 جوابدارن فاروق، ربيع اسلام، فيصل ۽ عبدالغفور کي پيش ڪري ڇڏيو،  دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي منتظم جج جوابدارن کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 8 نومبر تي ٻيھر پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، عدالت پوليس کان ايندڙ ٻڌڻي تي  اڳڀرائپ رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي،