لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو بيان جاري ڪندي چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي جو جلسو افطار کان پوءِ رات 9 وڳي ٿيندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري خطاب ڪندا۽ لکين ماڻهو جلسي ۾ شرڪت ڪري شهيد ڀٽي کي خراج عقيدت پيش ڪندا، ورسي ۽ جلسي جي حوالي سان سڀئي انتظام ڪيا پيا وڃن.  ان ڏس ۾ اڄ سکر ۾ سيد خورشيد شاهه جي رهائشگاهه تي ورسي جي انتظامن جي حوالي سان لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ ڀرپور عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو. هن چيو ته اِهو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته ملڪ کي آئين ڏيندڙ جمهوري ليڊرن ۽ آئيني ادارن خلاف ڳالهائيندڙ لاءِ انصاف جا پيمانا الڳ الڳ آهن هڪ طرف پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل تي آصف علي زرداري جي ريفرنس تي اڃان تائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي ته ٻئي طرف آئين جون ڌڄيون اڏائيندڙ عمران خان لاءِ عدالتون انتظار ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آمرن کان پوءِ عمران خان کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪيو پيو وڃي پر جنهن شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو ان جو عدالتي قتل قرار ڏيڻ بابت ريفرنس تي اڃان تائين ٻڌڻي نه ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ جا خدشا ختم حقيقي آبادي مڪمل طور ڳڻي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو واضح موقف آهي ته آدمشماري ڊي فيڪٽو بنياد تي ڪئي وڃي ۽ جيڪو صوبي ۾ موجود آهي انهن سڀني کي ڳڻيو ۽ چاهي پوءِ هڪ ڪلاڪ جو پيدا ٿيل ٻار ڇو نه هجي ۽ شناختي ڪارڊ جو شرط هجي ۽ فارم ۾ غيرقانوني پرڏيهين جو الڳ خانو رکيو وڃي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته ڪير پاڪستاني آهي ۽ ڪير پاڪستاني ناهي ۽ الڳ خاني هجڻ سان سنڌ ۾ موجود غيرقانوني پرڏيهين جي ڊيٽا جي پڻ خبر پئجي سگهندي ڇاڪاڻ ته سنڌ کي غيرقانوني پرڏيهين تي سخت خدشا آهن. هن چيو ته ووٽ ڏيڻ لاءِ شناختي ڪارڊ لازمي آهي ته پوءِ آدمشماري لاءِ به شناختي ڪارڊ لازمي هجڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ واسين جن کي شناختي ڪارڊ ناهن انهن کي گهر جي ڪنهن به فرد جي شناختي ڪارڊ جي نشاني يا ب فارم جي ڊيٽا تي ڳڻيو وڃي ۽ ٻوڏ م سنڌ جا جيڪي لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن انهن سڀني کي نادرا جي ڊيٽا جي مدد سان ڳڻيو وڃي ۽ آدمشماري جي ڊيٽا سنڌ سان شيئر ڪئي ڪئي وڃي.