ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي ڪنوينس الائونس سميت ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا، خبر موجب ملير جي علائقن پپري، گلشن حديد، شاهه لطيف، ابراهيم حيدري، گڏاپ ۾ آدمشماري عملي کي سيڪورٽي ۽ روزانو جي بنياد تي ڪنوينس الائونس نه ملڻ خلاف اينيوميٽرز سچل سرمست اسڪول پپري ۾ نور مصطفيٰ زهراڻي، مير انور بلوچ، اسحاق مينگل، گل محمد خاصخيلي، خان محمد مهر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهروڪيو، سرهاري ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندڙ استادن شفيع محمد زرداري، منصور سيال، شاهنواز مشوري، ارسلان جمالي، علي حيدر جوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، شاهپورچاڪر ۾ آدمشماري عملي پاران ٽرانسپورٽ ۽ تيل نه ملڻ تي ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪندي رفيق عمراڻي، فيصل ڀٽي، غلام سرور سومرو، ذوالفقار ڀٽي، صوفي اصغر ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڊگھڙي ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندڙ استادن منظور چانڊيو، منظور چيليو، انعام الله دائودپوٽو، صدام جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ٻن هفتن کان بنا سهولتن جي ڪم پيا ڪريون، نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.