چڪ (ن پ ا) وزيرستان ۾ دهشتگرد سان مهاڏو اٽڪائيندي زخمي ٿيل رستم واسي پاڪ فوج جو جوان ناصر احمد سمون پشارو اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس مڙهه اڄ اباڻي ڳوٺ رستم ۾ آڻي فوجي اعزاز سان دفن ڪيو ويندو، فوجي جوان جي شهيد ٿيڻ واري اطلاع تي رستم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي.