مٺي (رپورٽر) مٺي باءِ پاس نيڻيسر چيڪ پوسٽ ڀرسان نوجوان غربت کان تنگ ٿي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. خبر موجب مٺي باءِ پاس جي ٽاڀا ڪالوني جي رهواسي 17سالن جي ساجن ولد پونجو ميگھواڙ غربت کان تنگ ٿي گهر ڀرسان خالي پيل جهوپڙيءَ ۾ پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. وارثن موجب نوجوان ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽريءَ ۾ مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر هلائيندو هو. نينگر صبح سوير ڪپڙا ٿيلهي ۾ وجهي ڪراچيءَ ۾ مزدوريءَ تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتو هو. ڪجهه دير بعد گهر ڀرسان جهوپڙيءَ ۾ لٽڪيل لاش مليو.سندس والد به ڪجهه مهينا اڳ موذي مرض سان جهيڙيندي فوت ٿي ويو هو. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ نوجوان جي والده صدمي ۾ بيهوش ٿي وئي.