ٺري ميرواھ (ن پ ا)ڳوٺ پير نانگو ڀرسان وارياسي دڙن ۾ پيرسن شخص جو پراڻو ڪپڙن کان آجو لاش ڏسي ڌنارن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال آندو، پوليس جو چوڻ آھي ته 2 هفتا پراڻو نامعلوم شخص جو لاش آھي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش جي نبن شاھ بخاري قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي جڏھن ته معاملي جي جاچ ۽ وارثن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.