اسلام آباڊ: وزيراعظم شهباز شريف جنيوا ڪانفرنس جي ڪاميابي تي بلاول ڀٽو زرداري کي شاباس ڏني آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته محنت کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي، جنيوا ڪانفرنس جي ڪاميابي بهترين ٽيم ورڪ سبب ممڪن ٿي، وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري، حنارباني کر، شيري رحمان ۽ مريم اورنگزيب کي شاباش بهترين ڪم تي شاباش ڏني.