اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل لارجر بينچ پابندي پيل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي فارن ايڊڊ جماعت قرار ڏيندي چيو ته عمران خان جي ڊڪليريشن غلط آهي، سياسي جماعتن جي اڪائونٽن جو معاملو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ڏسندو آهي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ اسان کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس پڇيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڪا ڊڪليريشن ته ڏني ئي ناهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪٿي آرڊر، ڪٿي رپورٽ ته ڪٿي رڳو راءِ چيو پيو وڃي، منهنجي نظر ۾ اها فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هي صرف رپورٽ نه فيصلو آهي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏيڻ کانسواءِ شوڪاز نوٽيس جاري نه ٿي ڪري سگهي، بيريسٽر انور منصور چيو ته مسئلو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن آءِ ڪي کي نوٽيس ئي ناهي ڪيو، ان تي چيف جسٽس پڇيو ته آءِ ڪي جو ڇا مطلب آهي؟ پي ٽي آءِ وڪيل انور منصور چيو ته منهنجي مراد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آهي،  چيف جسٽس چيو ته اسانجي لاءِ ته اهو درخواستگذار ئي آهي، انور منصور عمران خان لاءِ آءِ ڪي جو اطلاع استعمال ڪرڻ تي معذرت ڪئي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان کي خدشو آهي ته عمران خان کي ان معاملي تي نااهل ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ان شوڪاز نوٽيس ۾ ڪو ڊڪليئريشن نه ڏيندو، نه وري ڪرمنل ڪارروائي ڪندو، اليڪشن ڪميشن جو شوڪاز نوٽيس صرف فنڊز جي ضبطگي جي حد تائين آهي، جيڪڏهن ڪنهن جماعت جا فنڊ ضبط ٿي وڃن ۽ پارٽي اڪائونٽس ۾ رقم ئي نه هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ان تي معاونت ڪندس، جسٽس ميان گل حسن پڇا ڪئي ته اوهان وٽ معاملو وفاقي حڪومت کي موڪلڻ جو اختيار هو، ڪهڙي قانون تحت اوهان معاملو وفاقي حڪومت کي منتقل ڪيو، اهو ته هڪ جماعت خلاف زهر ڪڍڻ وانگر ٿيو ته معاملو حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، اوهان چيو ته هڪ شخص سچو ناهي، سڀاڻي ڪوئي ان تي 62 ون ايف جي ڪارروائي شروع ڪري ته ڇا ٿيندو؟ ان دوران پي ٽي آءِ شوڪاز جو ڪامياب دفاع ڪري ورتو ته ڇا ٿيندو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ دفاع ڪري ورتو ته معاملو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو، اسان وفاقي حڪومت کي معاملو نه به موڪليون ها ته اها ڪارروائي ڪري پئي سگهي، رپورٽ هاڻ پبلڪ آهي،  ان تي ڪير به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، اسان کُليل ذهن سان پي ٽي آءِ کي شوڪاز تي ٻڌنداسين. جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا ته هڪ سادي ڳالهه آهي، جنهن تي ڪهاڻي 5 سالن کان هلي رهي آهي، هر جماعت کي فنڊن جا تفصيل فراهم ڪرڻا آهن، اليڪشن ڪميشن مطمئن نه هجي ته شوڪاز ڏئي فنڊ ضبط ڪندي آهي. چيف جسٽس چيو ته اوهان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، اوهان کي ثبوتن سان گڏ جواب ڏئي مطمئن ڪرڻو آهي، انور منصور چيو ته اليڪشن ڪميشن چئي رهي آهي ته اسان جيڪو فيصلو ڪري ڇڏيو، ان تي پوئتي نه هٽنداسين، هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي چوي ته اها پنهنجي رپورٽ جا آخري 2 جملا هذف ڪري. چيف جسٽس چيو ته هاڻ اهو ته اسان نه ٿا ڪري سگهون، اهو جوڊيشل ري ويو ۾ عدالت کي ڏسڻو آهي، اليڪشن ڪميشن هاڻ عدالت سامهون حلفي بيان ته نه ٿي ڏئي سگهي ته اها ڇا ڪندي، اليڪشن ڪميشن اختياريون چون ته ٿيون ته اهي اوهان کي ٻڌندا. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي مطمئن ڪري فنڊ پابندي پيل ناهن ته ڇا ٿيندو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته اسان وٽ فيصلي تي نظرثاني جو اختيار ناهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي، اوهان وٽ فيصلو تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي پر نيون حقيقتون سامهون اچي وڃن ته پوءِ؟ اوهان کي خبر پئجي وڃي فنڊ پابندي پيل ناهن ته فيصلو بدلڻو پوندو. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.