اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ وفاقي ڪابينا ۽ اتحادين جا ڌار ڌار اجلاس طلب ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس دوران اتحادي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ شريڪ ٿيندا، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي. وزراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت اتحادي اڳواڻن سان مشاورت ڪندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ عدالتي معاملي تي به تفصيلي غور ڪيو ويندو.چيف جسٽس جي سس جي آڊيو ليڪ جي معامليجو به جائزو ورتو ويندو ۽ حڪمت عملي جوڙي ويندي، چونڊن بابت امڪاني فيصلي جي اثرن جو به جائزو ورتو ويندو. ٻنهي اهم اجلاسن ۾ اڳتي جيحڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. هوڏانهن مسلم ليگ  نواز جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو آهي. جيڪو ٽپهريءَ جو پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.