راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي خرچن جو جائزو ورتو، ڪفايت شعاري مهم تحت پاڪ فوج به پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو، پيٽروليم، راشن، غير آپريشنل چرپر ۾ گهٽتائي آندي پئي وڃي،  ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اپڪستان آرمي موجوده معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي آپريشنل ۽ خاص طور تي غير آپريشنل خرچن جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد اهو فيصلو ڪيو آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ هر قسم جي خرچن ۾ گهٽتائي آندي ويندي.  هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ پيٽروليم، راشن، تعميرات، غير آپريشنل پروڪيورمينٽ، ٽريننگ ۽ غير آپريشنل چرپر ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري سميوليٽر تربيت ۽ آنلائن گڏجاڻيون ڪوٺائڻ کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن ان مد ۾ به خرچن کي گهٽائي سگهجي.