راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد صدر عارف علوي کي خط لکي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جو اعتماد وڃائي چڪو اهي، کيس اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو وڃي. پنهنجي خط ۾ شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم ڄاڻي ٻجھي پنجاب، خيبرپختونخواهه کي اليڪشن لاءِ فنڊ جاري ناهن ڪيا. وزياعظم ٻنهي صوبن ۾ چونڊن لاءِسڪيورٽي سميت ٻيون سهولتون به فراهم ناهن ڪيون. هن چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا فنڊ جاري نه ڪرڻ غيرقانوني ۽ غير آئيني، غير جمهوري عمل آهي، صدر وزيراعظم کي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چوي. اهو خط شيخ رشيد وڪيل اظهر صديقي ذريعي صدر کي لکيو آهي. ٻئي پاسي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري بلاول کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو، پر اپريل ۾ غربت سبب ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ 41 ماڻهن خودڪشي ڪئي، ڪالهه به  6 ماڻهن انت آندو آهي. هن چيو ته سڄي شريف فيملي چوديواري اندر عيد جي نماز ادا ڪئي. زرداري ناڪامي جو سڄو بار شهباز شريف تي وجهي پاڻ نيڪ بڻجي ويهي ويو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چين جو دورو انتهائي اهم آهي ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي بابت پتو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عدليا کي ڌمڪيون ڏيڻ بدران آئين ۽ قانون جو احترام ڪري. سندس چوڻ هو ته هي آئين ۽ قانون جي پڪڙ ۾ پهريان ئي پاڻ اچي چڪا آهن، اليڪشن ۾ وڃڻ سياسي آپگهات ڪرڻ کان بهتر آهي، مولانا فضل الرحمان اتي وٺي وڃي ماريندو جتي ڪير به نه بچائيندو.