اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف برطانيا جي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ۽ ن ليگ جي سربراهه نواز شريف سان اهم ملاقات لاءِ لنڊن پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ دفاع جو وفاقي وزير خواجا آصف، سڌ سماءَ جي وزير مريم اورنگزيب به برطانيا گڏ روانا ٿيا، وزيراعظم 19 سپيٽمبر تي برطانيا جي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيندا، جنهن کان پوءِ وزيراعظم اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿيندو، ذريعن مطابق وزيراعظم جي لنڊن ۾ ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف سان اڄ اهم ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۽ اهم مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.