اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف ميثاق معيشت لاءِ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ جي حامي ڀريندي چيو آهي ته اسان سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، آئيني اداري کي بحث جو موضوع بڻائڻ ۽ تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ازبڪستان جو دورو ڪامياب رهيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف اٿاريو. وزيراعظم شهباز شريف ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. شهباز شريف نومبر جي پهرين هفتي ۾ چين جو سرڪاري دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ٻوڏ صورتحال بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ۽ ميمبر ملڪن وزيراعظم کي تعاون جو يقين ڏياريو. يوڪرين بابت موقف تي روس پاڪستان جي تائيد ڪئي. روس گيس سان گڏ ڪڻڪ جي به آڇ ڪئي،جڏهن ته وزيراعظم ٻن ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ به ويندو. خواجه آصف چيو ته 6 مهينا اڳ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته تمام گهڻيون پريشانيون هيون. دنيا اڄ پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي. ايندڙ ڏينهن دوران شين جون قيمتون گهٽ ٿينديون. دفاع واري وزير چيو ته عمران خان هڪ ئي رٽ لڳائي رکي آهي ته مون کي اقتدار واپس ڪريو، ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي لالچ ٿي سگهي ٿي جو هن عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کي چيو ته پئسا نه ڏيو. هن چيو ته اسان سمورين پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون ڇو ته تڪراري ڳالهين سان ادارا ۽ ملڪ جو احترام مجروح ٿيندو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي تجويز غور هيٺ ناهي، نومبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري ڪندو ان لاءِ آئيني فرض کي بحث جو موضوع بنائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. خواجه آصف چيو ته عمران خان هر معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. عمران خان چوندو رهندو آهي ته نه کيڏندس نه ئي وري کيڏڻ ڏيندس، ڪتابن ۾ موجود قانون ۽ ضابطو سڀني تي هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ گهرجي، ان ۾ اڻويهه ويهه جو به فرق نه ٿيڻ گهرجي،، پرويز مشرف جي دور ۾ نواز شريف کي ڦاسي جي سزا تائين پهچايو ويو، کيس نااهل ڪيو ويو، جنهن تارازي ۾ نواز شريف کي توريو ويو هو انهيءَ تارازي ۾ هنن کي به توريو وڃي، نواز شريف ملڪ جي وجود يا ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي پر هي شخص روز اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو، نواز شريف ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي بحث جو موضوع نه بڻايو،  هن چيو ته چونڊون ايندڙ سال آگسٽ ۾ ٿينديون.

گوجرانولا (م ڊ) توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نواز شريف جي صلاح سان ڪندو. گوجرانولا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته جيڪڏهن عمران خان عوام جو سڄڻ آهي ته کيس خيرپور ناٿن شاهه وڃڻ گهرجي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي مريم نواز جي اختلاف جي سوال تي خرم دستگير چيو ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر آهي، پارٽي ۾ اختلاف راءِ ضرور هوندو آهي. هن چيو ته آڪٽوبر کان فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي اچي ويندي.