اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توهين عدالت ڪيس ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم پنهنجي حلفي بيان تان ڦري ويو، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون معافي نامو جمع ڪرايو آهي، رانا شميم ان کان اڳ هڪ معافي نامو جمع ڪرايو هو جنهن کي عدالت تسليم نه ڪيو هو، رانا شميم نئين معافي نامي ۾ حلفي بيان ۾ داخل لفظ واپس وٺي ڇڏيا آهن جنهن ۾ هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي فون تي گفتگو ٻڌي، جنهن ۾ ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي جج کي نواز شريف ڪيس ۾ هدايتون ڏئي رهيو هو. رانا شميم طرفان جمع ڪرايل نئين معافي نامي جي متن موجب 10 نومبر 2021ع وارو منهنجو حلفي بيان نه صحيح هو ۽ نه ئي ان جي ضرورت هئي، معزز جج جو نالو غلطي سان حلفي بيان ۾ ذڪر ڪرڻ تي شرمسار آهيان ۽ معافي گهران ٿو، حقيقت ۾ اها غلطي نه ٿيڻ گهرجي ها، حلفي بيان جو مڪمل مواد واپس وٺان ٿو، هن عدالت کان غير مشروط معافي گهرندي چيو ته پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيان ٿو.