اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سان حڪومتي اتحادي پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم هائوس مطابق ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، محمود خان اچڪزئي وزيراعظم کي بلوچستان جي ترقي کي ترجيح بنائڻ جي ويزن ۽ تازو ٻوڏ ۾ بلوچستان جي متاثرن کي امداد ۽ بحالي تي ڌيان ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪئي.